5سال اڳ جيڪڏهن پ پ ڪو ڪم ڪري ها ته ن ليگ حڪومت اهو اڳتي وڌائي ها: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) پرويز رشيد چيو آهي ته آصف علي زرداريءَ جي آرمي چيف بيان بابت تي تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي اهڙن ادارن تي نه ڳالهائڻ گهرجي جيڪي سياسي بيان نه ٿا ڏئي سگهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته هنن نه آصف علي زرداري جي آرمي چيف بابت پهرين بيان تي تبصرو ڪيو ۽ نه وري هاڻي ڪجهه ڳالهائيندا. هن چيو ته پنج سال اڳ جيڪڏهن پ پ جو ڪم ڪري ها ته مسلم ليگ ن حڪومت اهو اڳتي وڌائي ها. پرويز رشيد چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت سياسي بيان ڏيڻ جي ضرورت گهٽ ۽ عملي ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته سرڪاري طور نيب بابت ڪميشن تي ڪي به ڳالهيون نه ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙو بحث نه ڇيڙڻ گهرجي جنهن سان ادارن جو ڪم متاثر ٿي. پرويز رشيد چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جنهن جي سڀني واکاڻ ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي سوچ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرويز رشيد چيو ته مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *