پناهگيرن جي واپسي لاءِ افغان حڪومت بهتر ۽ پــُرامن ماحول فراهم ڪري: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم سان ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالــَي ۽ افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، نواز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بهتر لاڳاپن مان عوام هڪ جيترو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پناهگيرن جي واپسي لاءِ افغان حڪومت بهتر ۽ پــُرامن ماحول فراهم ڪري. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالــَي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا پاڪستان جي پاليسي جو حصو آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سٺن لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ جيترو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي ڀارتي هاءِ ڪمشنر پاڪ –ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ وزيراعظم جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف، افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر عبدالرئوف ابراهيمي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دهشتگردي سميت خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهيمت ڏئي ٿو. وزيراعظم افغانستان کي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي ۽ افغان حڪومت جي طالبان سان ڳالهين جي فيصلي کي وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو. نواز شريف چيو ته طالبان سان ڳالهين لاءِ 4 ملڪي گروپ بهتر نموني اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان افغان امن عمل جي ڪاميابي لاءِ سٺو ڪردار ادا ڪري پيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان سان جامع ۽ جٽادار پارٽنرشپ جو خواهشمند آهي، ڪابل حڪومت سان سڪيورٽي، واپار ۽ معاشي ترقي لاءِ سهڪار وڌڻ گهـُرجي. ان موقعي تي عبدالرئوف ابراهيمي افغان پناهگيرن جي 30 سالن تائين ميزباني تي پاڪستان جو ٿورا مڃيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *