پاڪستان کي ٻاهرين محاذ تي غير معمولي خطرا آهن، سموريون پارٽيون سهڪار ڪن: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي هن وقت پرڏيهي محاذ تي غير معمولي خطرا آهن تنهنڪري سمورين پارٽين جي مدد گهرجي ته جيئن گڏجي وڙهي سگهجي، پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جي گهرو قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ احسن اقبال نيڪٽا جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان سمورن قبائلي علائقن کي ڪليئر ڪيو آهي، ڪراچي ۽ بلوچستان جي حالتن تي ضابطو آڻڻ ۾نيشنل ايڪشن پلان ڪافي مدد ڪئي، جڏهن ته هاڻ دهشتگردي جي لهر سرحد پار کان اچي رهي آهي، آمريڪا اسان کي چوي ٿو ته اسان دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڪم ناهي ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي جاءِ نه آهي جتي اهي ماڻهو گڏ ٿيا هجن ۽ پاڪستان جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهن، گهرو وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ صوبن کي نمائندگي ڏني آهي،مدرسا ريفارمز تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، افغان مهاجرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، فاٽا ريفارمز تي اتفاق سان معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت خارجي محاذ تي غير معمولي خطرا آهن، اهڙا عنصر سرگرم آهن جيڪي جمهوريت جي خلاف آهن، رستن تي سياسي ڌرڻا ۽ تحريڪون ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿيون تنهنڪري سمورين پارٽين جي مدد گهرجي ته جيئن داخلي ۽ خارجي محاذ تي گڏجي وڙهي سگهون، هن چيو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تي سفارشون نيڪٽا تيار ڪيون آهن، ڪجهه وڏن وڪيلن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون ۽ جلد اهو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته آمريڪا ئي سڄي دنيا ۾ دهشتگرد پيدا ڪيا، حڪومت کي گهرجي ته اها هر فورم تي آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان جي مذمت ڪري، ان موقعي تي ٽرمپ جي بيان تي هڪ مذمتي ٺهراءُ به پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو، مزمتي ٺهراءُ سينيٽر رحمان ملڪ پڙهي ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *