ذوالفقار علي ڀٽوجو 90هين سالگرهه آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ ملهائي ويئي

 

ڪراچي  (اين اين آءِ( پ پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 90هين سالگرهه آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ ملهائي ويئي تفصيل مطابق پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو 5 جنوري 1928 تي لاڙڪاڻو ۾ سرشاهنواز ڀٽو جي جاگيردار گراڻي ۾ اک کولي جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو جو پيءُ/ سر شاهنواز ڀٽو مشير اعليٰ حڪومت ممبئي ۽ جوناڳڙهه جي مسلم رياست ۾ ديوان هو جڏهن ته ڀٽو سياست هميشه عوامي ڪئي ۽ پاڪستان ۾ قائد عوام يعني عوام جو رهبر ۽ پاڪستان جي آئين جو بابا به سڏيو ويندو هو. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي زندگي ۾ هن تضاد ئي ان جي شخصيت ۽ سياست ٻنهي کي منفرد بڻايو عوام کي ان جي سڃاڻپ ڏيارڻ ۽ سياست کي اميرن جي ڊرائينگ رومن مان ڪڍي گهٽي گهٽي تائين آڻڻ ۽ ان ۾ سياسي شعور پيدار ڪرڻ جو ڪريڊٽ ذوالفقارعلي ڀٽو ڏانهن ئي وڃي ٿو ڀٽو جو اٽو لٽو ۽ اجهو جو نعرو به گهڻو مشهور ٿيو ڳالهه اسلامي دنيا کي گڏ ڪرڻ جي هجي يا ملڪ کي گڏيل آئين ڏيڻ جي ذوالفقارعلي ڀٽو پنهنجي ئي انداز ۾ سياست ڪئي ۽ آمر آڏو ڪنڌ جهڪائڻ کان وڌيڪ جمهوريت ۽ عوام لاءِ مقتل کي ترجيحي ڏني.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *