نيب چيئرمين سان تهمينه جنجوعا جي ملاقات، شريف فيملي جي معاملن بابت بريفنگ ڏني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي ۽ شريف فيملي جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. ميڊيا رپورٽن موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال پرڏيهي سيڪريٽري کي اڄ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ طلب ڪيو هو، نيب چيئرمين پرڏيهي سيڪريٽري سان برطانيا ۾ رولڙي جو شڪار معاملن بابت پڇاڻو ڪيو، تهمينه جنجوعا شريف فيملي جي معاملن بابت نيب چيئرمين کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته برطانيا ڏانهن موڪليل دستاويزن جي تصديق ۾ غفلت برداشت نه ٿيندي، هن پرڏيهي وزارت کي برطانيا ۾ بندوبست تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *