پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين پريڪٽس ميچ ۾ڇوڪرن جي انڊر 17ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 136رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس نيوز)پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين پريڪٽس ميچ ۾ڇوڪرن جي انڊر 17ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 17

136رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.پوچ فيسٽروم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پاڪستان ويمنز ٽيم نارٿ ويسٽ انڊر 17بوائز ٽيم خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي 8وڪيٽن جي نقصان تي 50 اوورس ۾ 232رنز اسڪور ڪيون.پاڪستان پاران عاليا رياض شاندار آلرائونڊ پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.عاليا رياض بيٽنگ ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ سان گڏ ميچ ۾ ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.جواب ۾ ڇوڪرن جي ٽيم صرف 96رنز تي ڍير ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *