شاهد آفريدي پنهنجي سينيئر ۽ڪوچ وقاريونس کي گهٽ درجي جو ڪپتان ۽ خطرناڪ ڪوچ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان بوم بوم شاهد آفريدي پنهنجي سينيئر ۽ڪوچ وقاريونس کي گهٽ درجي جو ڪپتان ۽ خطرناڪ ڪوچ قرار ڏئي ڇڏيوآهي.پنهنجي ڪتاب گيم چينجر ۾ شاهد آفريدي اهو به انڪشاف /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 04

ڪيو آهي ته جاويد ميانداد کيس پسند نه ڪندو هو.اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي زندگي بابت ڪتاب منظر سامهون اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي انڪشاف ڪيا ويا آهن.ڪتاب ۾ شاهد آفريدي وقاريونس کي گهٽ درجي جو ڪپتان قرار ڏيندي  چيوته وقاريونس ۽ وسيم اڪرم وچ ۾ همِيشه تڪرار  رهيو.شاهد آفريدي وڌيڪ لکيو آهي ته وقاريونس جڏهن کان ڪوچ ٿيو، تڏهن کان سندس ۽ وقاريونس وچ ۾ اختلاف وڌيا.ڪتاب ۾ شاهدي آفريدي جاويد ميانداد سان اختلافن بابت پڻ ٻڌايو آهي ته مياندار کيس پسند نه ڪندو هو.ڪوچ جي حيصيت سان جاويد ميانداد کيس وقت نه ڏيندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *