افغان دهشتگردن جو پاڪ فوج جي جوانن تي حملو، 3 شهيد، 7 زخمي

اتر وزيرستان (اين اين آءِ) پاڪ فوج افغانستان مان آيل دهشتگردن جو وڏو حملو ناڪام بڻائيندڙ ڪيترن ئي دهشگردن کي ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 جوان شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا، پاڪ فوج واضح ڪيو آهي ته ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي ڪوشش جاري رهندي، افغان فورسز ۽ عملدارن کي سرحدي علائقن ۾ وڌيڪ موثر ڪنٽرول جي ضرورت آهي، اربع تي آءِ ايس پي آر موجب 60 کان 70 دهشتگردن جي گروپ افغانستان ۾ موجود پنهنجي بيسز کان سرحد ٽپي اتر وزيرستان جي علائقي الورهه ۾ ڪنڊيدار تار لڳائڻ ۾ مصروف پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ڪيو، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ان حملي جو جواب ڏيندي علائقي ۾ موجود فوجي جٿن جي مدد سان ان کي ناڪام ڪري ڇڏيو، جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 فوجي شهيد ٿي ويا، جن ۾ لائنس نائيڪ نظير، لائنس نائيڪ علي، سپاهي امداد الله به شامل آهن، جڏهن ته 7 فوجي زخمي پڻ ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *