پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي گهر ٺاهڻ لاءِ آسان شرطن تي قرضن لاءِ آرڊيننس سڀاڻي جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 0.2 سيڪڙو گهرن لاءِ ناڻو ملندو آهي، رڳو اهي ماڻهو گهر وٺي ٿا سگهن جن وٽ پئسو هجي، پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ گهرن جي گهرج آهي، پگهار کڻندڙ طبقي ۽ 19هين گريڊ کان هيٺ سرڪاري ملازمن لاءِ گهر ٺاهڻ جا وسيلا ناهن. هن چيو ته آرڊيننس آڻي رهيا آهيون، جنهن سان گهر ٺاهڻ لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي ٿي سگهندي، اسڪيم جو مقصد ماڻهو رجسٽر ڪرڻ آهي، ٻڌائي سگهجي ته هر مهيني گهر جي ڪيتري قسطن ڏئي سگهبي، ان سان خبر پوندي ته شهرين وٽ گهر ٺاهڻ لاءِ ڪيترا وسيلا آهن. سندس چوڻ هو ته هائوسنگ سيڪٽر ۾ گهڻا ماڻهو اچڻ چاهين ٿا، اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته هيٺين طبقي کي گهرن جي فراهمي ۾ هائوسنگ سيڪٽر اچي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته گهر ٺاهڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون وجود ۾ اچي سگهن، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته 10 هزار گهرن لاءِ ڪڻا ڪڍنداسين، انگوري وٽ شهرين کي ڏيڍ سال ۾ گهر ملي سگهندا، ڪوئيٽا، گوادر، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به هائوسنگ اسڪيمون شروع ٿي وينديون، ڊيٽا گڏ ڪنداسين ته ماڻهن کي ڪيترن گهرن جي ضرورت آهي، گهر ٺاهڻ لاءِ آسان شرطن تي قرضن لاءِ آرڊيننس سڀاڻي جاري ڪيو ويندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *