آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن: شهزاد اڪبر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف لنڊن ۾ منهنجي خلاف ڪيس ڪري آئون هڪ هڪ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندس. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته گذريل سال ن ليگ پنهنجي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سال پراڻي تصوير ڏيکاري ڄڻ برطانوي رسالي ۾ خبر اسان ڇپرائي هئي. هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن جي مهم دوران برطانوي صحافي اليڪشن جي دوران عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ اِها تصوير پاڪستان تحريڪ انصاف  پاڻ جاري ڪئي هئي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته ڊيلي ميل طرفان شايع ڪيل خبر ۾ شهباز شريف جي خاندان جي ڪرپشن جو ننڍڙو حصو هو. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف فيملي جي اثاثن بابت شڪي ٽرانزيڪشن جڏهن سامهون آئي ته اسٽيٽ بينڪ سان گڏ ڪم ڪندڙ فنانشل مانيٽري يونٽ سان ڪيس جو آغاز ٿيو جنهن ۾ ٻاهر کان آيل رقم جو علم ٿيو. خاص مددگار چيو ته ان رقم جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ته 200 کان وڌيڪ پرڏيهي ذريعن سان شريف خاندان جي مختلف ماڻهن جي اڪائونٽن ۾ آئي هئي اِها رقم 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر کان وڌيڪ جي آهي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اِها آهي ته شهباز فيملي جيڪي اثاثا ظاهر ڪيا آهن انهن جو فرانزڪ  ڪيو وڃي ته ان مان ثابت ٿي ويندو ته حمزه شهباز جيڪو نيب جي تحويل ۾ آهي ۽ جسماني ريمانڊ تي آهي ان جا 95 سيڪڙو اثاثا ائين ئي ٺهيا. شهزاد اڪبر چيو ته حمزه شهباز جي اثاثن بابت اِها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، 3 مهينا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت ٿيندي رهي ۽ هڪ هڪ دستاويز ڏيکارڻ کان پوءِ ان جي ضمانت رد ٿي. خاص مددگار چيو ته سليمان شهباز جيترا به اثاثا ظاهر ڪيا انهن مان 99 سيڪڙو ائين ئي بڻيا آهن، هتي جي ڪا به ڪمائي ناهي سمورو پيسو ٻاهران پيو اچي. هن چيو ته شهباز شريف جي پهرين گهرواري 80 سيڪڙو آمدن ۽ اثاثا انهيءَ طريقي سان بڻايا ويا، ان سموري رقم سان پنهنجون ڪمپنيون بڻايون. شهزاد اڪبر چيو ته 200 کان وڌيڪ ترسيلات زر موڪليندڙ انهن سمورن ماڻهن مان ڪنهن جي حيثيت ناهي جو لاهور کان ڪراچي وڃي سگهن، انهن مان هڪ منظور پاپڙ واري  20 لک ڊالر کان وڌيڪ جي رقم شهباز شريف جي پٽن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي جيڪو جهلم جي ڳوٺ ۾ پاپڙ کپائيندو آهي، هن برطانيا ته ڇا ڪراچي به ناهي ڏٺو پر هو 20 لک کان وڌيڪ پيسا موڪلي رهيو آهي. خاص مددگار چيو ته ان ڪيس ۾ صورتحال اِها آهي ته حمزه شهباز حراست هيٺ آهي ۽ سليمان شهباز مفرور آهي خاندان جا ٻيا به فرار آهن ۽ انهن کي لکت ۾ سوالناما به موڪليا آهن تڏهن به ڪو جواب ناهي آيو. هن چيو ته شهباز شريف جي ناٺي علي عمران کي 6 سيپٽمبر 2002 تي 2 ڪروڙ رپين جو ڊيمانڊ ڊرافٽ ان جي خانگي ڪمپني جي نالي تي ڏنو ويو هو اِها رقم زلزلي متاثرن جي نئين سر بحالي جي اڪائونٽ سان جاري ٿي. شهزاد اڪبر چيو ته دستاويزن ۾ مارچ 2013ع ۾ علي عمران کي هڪ ڪروڙ 30 لک جي رقم منتقل ڪئي وئي، 2011ع ۾ 2 ڪروڙ 70 لک جي رقم هن جي ڪمپني ڏانهن منتقل ڪئي وئي. هن چيو ته نويد اڪرام جيڪو زلزلي متاثرن جي نئين سر بحالي بابت اٿارٽي جو ڊائريڪٽر هيو هن پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو هو ته علي عمران کي 13 ڪروڙ 1 لک جي ادائيگي ڪئي ۽ هن پاڻ زلزلي متاثرن جي فنڊ جي مد ۾ 49 ڪروڙ 90 لک جي ڪرپشن ڪئي. خاص مددگار چيو ته علي عمران جي هڪ اهڙي ڪمرشل پلازا کي مسواڙ جي مد ۾ رقم ڏني ويندي رهي جيڪا اڃان اڏجي ئي نه هئي اُها پلازه لاهور ۾ ضبط ٿيل آهي. شهزاد اڪبر چيو ته جڏهن هنن کي مڃڻو ئي ناهي ته ان جو اسان ڪو به حل نٿا ڪڍي سگهون ڇو ته جن ڪيسن ۾ سزا ٿيندي آهي ان ۾ به نه مڃڻ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ڪالهه برطانو رسالي ۾ جيڪا خبر شايع ٿي ان حوالي سان الزام لڳايو ويو آهي ته اِها خبر شهزاد اڪبر ڇپرائي آهي پر جيڪڏهن مون کي اسٽوري ڪرائڻي هجي ها ته اِهي دستاويز به ڇپجي وڃن ها. خاص مددگار چيو ته شهباز شريف دعويٰ ڪئي هئي ته منهنجي خلاف ڊيلي ميل ۽ صحافي جي خلاف ساک خراب ڪرڻ جو ڪيس  ڪندا مون ڪالهه به چيلينج ڪيو هو آئون وري چيلينج ڪيان ٿو ته پنهنجي ان دعويٰ تان ڦرندس نه. هن چيو ته شهباز شريف توهان کي ان دعويٰ کي اهڙو ناهي بڻائڻو ته آصف زرداري توهان کي روڊن تي گهليندو. شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف لنڊن ۾ مون تي ڪيس ڪري ۽ ان عدالت ۾ توهان جي هڪ هڪ ٽرانزيڪشن ٻڌائيندس ته پيسا ڪيئن ويا، اسان سڄو پيسو عدالتي نظام ۾ کٽي آڻينداسين ۽ احساس پروگرام ۾ خرچ ڪنداسين. خاص مددگار چيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن. سندس چوڻ هو ته ان ڪيس ۾ واضح طور تي اِها پيسا ايندا آهن انهن مان 96 ايڇ کي خريدو ويندو آهي اڏاوت ٿيندي آهي، ڊونگا گلي ۾ گهر خريديو ويندو آهي، گاڏين جي ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪئي ويندي آهي، گهرواري کي 3 اپارٽمنٽ خريدي ڏنا، ڊيفنس هائوسنگ سوسائٽي ۾ انهن پيسن سان گهر خريديو ويو، احتساب آرڊيننس جي تحت اِهي گهر ضبط ٿي سگهن ٿا ۽ ضبط ٿيندا. شهزاد اڪبر چيو ته ايندڙ ڏيهن ۾ چوري جي ڪيسن سان بڻايل اثاثا قانون جي موجب ضبط ٿيندا ۽ ڪيس جي مڪمل ٿيڻ تي ان کي وڪرو ڪري پيسا قومي ناڻي ۾ جمع ٿيندا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *