آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان ڇهين نمبر تي پهچي ويو

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ ورلڊ چيمپين انگلينڊ جي پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي. ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت ٻئين، نيوزيلينڊ ٽئين، آسٽريليا چوٿين، ڏکڻ آفريڪا پنجين، پاڪستان ڇهين، بنگلاديش ستين، سريلنڪا اٺين، ويسٽ انڊيز نائين ۽ افغانستان ڏهين نمبر تي آهي.بيٽسمينن ۾ ڀارتي ڪپتان پهرين نمبر تي آهي.  روهت شرما ٻئين ۽ پاڪستان جو بابر اعظم ٽئين نمبر تي آهي. ڏکڻ آفريڪا جو ڪپتان فاف دي پليسي چوٿين، ڪيوي روس ٽيلر پنجين،  وليمسن ڇهين، آسٽريلوي ڊيوڊ وارنر ستين، انگلش جوئي روٽ اٺين، ڏکڻ آفريڪي ڪوئنٽن ڊي ڪڪ نائين ۽ انگلينڊ جو جيسن روئي ڏهين نمبر تي آهي.بالرن ۾ ڀارتي جسپريت بمرا پهرين، نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٻئين، ڏکڻ آفريڪا جو گيسو ربادا ٽئين نمبر تي آهن. آسٽريلوي پيٽ ڪمنز چوٿين، ڏکڻ آفريڪي عمران طاهر پنجين، افغاني مجيب الرحمان ڇهين، انگلينڊ جو ڪرس ووئيڪس ستين، آسٽريلوي مچل اسٽارڪ اٺين، افغاني راشد خان نائين ۽ نيوزيلينڊ جو ميٽ هنري ڏهين نمبر تي آهي.آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين نمبر تي آهي.  انگلينڊ جو بين اسٽوڪس ٻئين، افغاني محمد نبي ٽئين، پاڪستان جو عماد وسيم چوٿين ۽ افغاني راشد خان پنجين نمبر تي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *