پاڪستان مٿان ٻاهريون قرض 13 هزار 811 ارب روپيه ٿي ويو: اسٽيٽ بينڪ

اسلام آباد(م.ڊ)اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان مٿان گڏيل قرض آڪٽوبر ۾ 40 هزار 279 ارب روپيه ٿي ويو آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان مٿان ٻاهريون قرض 13 هزار 811 ارب روپيه ٿي ويو آهي ۽ اندروني قرض 26 هزار 467 ارب تائين پهچي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان مٿان ڊگهي مدي وارو قرض 20 هزار 12 ارب روپيه ۽ مختصر مدي جو قرض 6 هزار 416 ارب روپيه ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *