سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جا پابند آهيون، منظوري ڏيندڙن کي بھ سزا ملڻ گھرجي: مراد علي شاهه

اسلام آباد(م.ڊ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جا پابند آهيون پر جنهن تعميرات جي غلط منظوري ڏني انهن کي به سزا ملڻ گهرجي.  اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسلام آباد ۾ وڏن وڏن ماڻهن جي گهرن کي ريگولائز ڪيو ويو ان لاءِ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جي بجاءِ ڪو ٻيو طريقو به ٿي سگهيو ٿي، عمارت کي ريگولرائز جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن منظوري ڏني انهن کي ڇڏڻ جي نه.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جا پابند آهيون پر جنهن تعميرات جي غلط منظوري انهن کي به سزا ملڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي گورنر سان ملاقات ٿي آهي ان جون سفارشون سنڌ ڪابينه جي سامهون رکندس.  هن وڌيڪ چيو ته قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *