پي ڊي ايم تاريخ تبديل ڪري، ملڪ جي بدنامي جو سبب بنجندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد(م.ڊ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ جي بدنامي جو سبب بنجندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏين مڇين تي هٿ وجهڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن.  اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ملڪ کي بدنام ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏين مڇين جي خلاف ڪارروائين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي کي هدايتون ڪيون آهن ته سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. راڻا شميم جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي جنهن جي لاءِ اجلاس ٿيندو.شيخ رشيد چيو ته نوازشريف پاڪستان نه ايندو ۽ جيڪڏهن هو پاڪستان اچڻ چاهي ٿو ته اسان هڪ ڏينهن ۾ دستاويز ڏينداسين هو پاڪستان اچڻ جو ارادو ڪري ته اسان ڪاغذ ان جي گهر تائين به پهچائي سگهون ٿا. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي احتجاج جي تاريخ تبديل ڪري. اپوزيشن 4 مهينن جو وقت ڪمپني جي مشهوري لاءِ ڏنو آهي. سمنڊ پار پاڪستاني اپوزيشن وارن کان ناراض آهن.  سموري دنيا ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو انگ هڪ ڪروڙ آهي کين وڌ کان وڌ سهولتون ڏينداسين. 191 ملڪن ۾ آن لائن پاسپوٽ جي سهوليت ڏئي رهيا آهيون. گهرو وزير چيو ته ڊالر جو بحران پيدا ڪندڙ انٽرنيشنل لابي آهي. ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. وڏيون وڏيون ڪمپنيون غريبن جون رت چوسينديون آهن. نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ بهترين صلاحيتن جو مالڪ آهي. پاڪ فوج ۾ صلاحيتن جي ڪابه کوٽ نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *