پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاران ڏنل حدف مڪمل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان عمل ڪري رهيو آهي: شاهه محمود قريشي

نيويارڪ (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ايه ته پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاران ڏنل ٽاسڪ پورا ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان عمل ڪري رهيو آهي اميد آهي ته ايندڙ مهيني پئرس ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ به اسان کي جي سي سي پاران مدد گهربل هوندي فري ٽريڊ معاهدي جي حوالي سان جي سي سي سان ٻه دور ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ان جو اخري دور جلد مڪمل ڪيو ويندو پاڪستان ۽ نار وارن ملڪن وچ ۾ پراڻا مذهبي ثقافتي ۽ جاگرافيائي لاڳاپا آهن انهن لاڳاپن کي ڪتب آڻي ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌائي سگهجي ٿو خميس تي شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74هي اجلاس ۾ جي سي سي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسلامي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خليج تعاون ڪائونسل (جي سي سي) ۾ شامل سمورن برادر اسلامي ملڪن سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپاري جا وسيع موقعا موجود آهن اسان جي حڪومت ٻاهرين سيڙپڪارن کي خاص مراعتون ڏيئي رهي آهي جي سي سي سان لاڳاپيل ملڪ به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ذريعي انهن موقعن مان فائدو وٺي سگهن ٿا هن چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي نار وارن ملڪن لاءِ قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيرپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن شاهه محمود قريشي چيو ته بيهتر روزگار حاصلڪرڻ لاءِ اسان جا ماڻهو ترجيحي بنيادن تي نار وارن ملڪن ڏانهن وڃڻ ٿا اڄ به پاڪستان جو هيومن ريسوس وڏي انگ ۾ خليجي ريستن ۾ موجود آهي ۽ اتان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ ڪيل گڏيل فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃڻ ۽ اسان جي خواهش آهي ته سيڪريٽري جنرل جي سي سي جلد پاڪستان جو دورو ڪري ته جيئن ان ڏس ۾ معاملن کي گڏيل صلاح مشوري سان وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *