وزيراعظم عمران خان زلزلي متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ پرعزم آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان زلزلي سٽيلن جي مدد ۽ بحالي لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان جي فوج، اين ڊي ايم اي پنجاب حڪومت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا آزادڪشمير حڪومت سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بحالي جي ڪمن ۾ ڏينهن رات رڌل آهن متاثرن جي بحالي ۽ نقصانن جي ازالي لاءِ جوڳي مدد فراهم ڪنداسين خميس تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي زلزلي جي متاثر گهراڻن جي گهر ويس انهن جي پيارن جي ڏک تي انهن سان تعزيت ۽ دعا گهري هن چيو ته خيمن ۽ پاڻي سميت ٻيون ضروري شيون عوام ۾ ورهايون هن چيو ته ريسڪيو ۽ رليف کان پوءِ بهالي جو عمل شروع ٿيندو هن چيو ته يقين ڏياريون ٿا ته متاثرن جي بحالي تائين حڪومت ۽ ان جا ادارا سک سان نه ويهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *