گذريل 5 ڏينهن ۾ 138000 ٽن ڪچرو سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ کنيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (26 سيپٽمبر 2019): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ قومي احتساب بيورو (نيب) ھڪ سوالنامي ذريعي سندس ڪيپيٽيو پاور پلانٽن کي ڏنل ٽيرف سبسڊي بابت سوال پڇيا آھن، جنھن لاءِ ڪجھھ قانوني ۽ آئيني معاملا آھن ان ڪري ھن جوابن جي تياري لاءِ وڌيڪ وقت گھريو آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ گورنمنٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهبليٽيشن سينٽر، گلستان جوهر ۾ ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ ڪجھھ ميڊيا جا ماڻھو روزاني شام ۾ پنھنجي ٽاڪ شوز ۾ منھنجي ڪردارڪشي ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ھن چيو تھ اھو گھڻي افسوس جھڙي ڳالھھ آھي ۽ ھن چيو تھ اھي ماڻھو پنھنجو پاڻ کي گھڻو باخبر سمجھن ٿا ۽ اھو اسان جي معاشري جو مستند طبقو آھي ۽ پنھنجن خيالن سان ٻين کي ڀٽڪائين ٿا تھ مونکي ٺٽي جي شگرمل ڪيس ۾ سڏايو ويو ھو. ھن چيو تھ اصل حقيقت ھي آھي تھ نيب اٿارٽين مونکي هڪ سوالنامو اماڻيو آهي ۽ کيس ڪيپيٽيو پاور پلانٽس کي ڏنل ٽيرف سبسڊي بابت سڏايو ويو آهي. هن چيو ته سوالنامو 17 سيپٽمبر تي جاري ٿيو ۽ مونکي 24 سيپٽمبر تي سڏايو ويو. ڄاڻايل معاملن لاءِ اهو عرصو تمام گهٽ هو ڇوته ان ۾ ڪجهه انتظامي، قانوني ۽ آئين بابت سوال هئا جنهن جا جواب اهڙي ريت ئي ڏيڻا آهن. سوالن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت يا وفاقي حڪومت ٽيرف مقرر ڪرڻ جي مجاز آهي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 157 تحت صوبائي ليجسليشن ٽيرف ڏيڻ جي مجاز آهي. هن چيو ته آئون چوڻ چاهيان ٿو ته ڪجهه سوال آهن جنهن ۾ قانوني، انتظامي ۽ آئين بابت معاملا اٿاريا ويا آهن، جنهن جا جواب ڀلي ريت غور ويچار کانپوءِ ئي تيار ڪري سگهجن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن نيب اٿارٽين کي هڪ خط لکيو ته مونکي وقت ڏنو وڃي ۽ انهن وقت ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي پوءِ مقرر ڪئي ويندي. هن چيو ته آئون نيب سان کيس جانچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ آئون ان جي مدد لاءِ پيش ٿيڻ چاهيان ٿو نه وري ميڊيا لاءِ فقط هڪ فوٽو سيشن لاءِ . ڪچري کڻڻ بابت پڇييل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اها مهم 21 سيپٽمبر کان 30 ڏينهن لاءِ شروع ڪئي وئي آهي مهم جي پهرين ڏينهن ڪجهه مسئلا آڏو آيا جنهن جو تدارڪ ڪيو ويو ۽ هاڻي ان شهر جي خوبصورتي لاءِ صفائي جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن سڌارو به اچي پيو ۽ اهو ضلعي انتظاميا جي بهترين جذبي سان پوري رفتار سان جاري آهي. هن چيو ته گذريل 5 ڏينهن ۾ خميس واري ڏينهن کي ڇڏي ڪري 138000 ٽن ڪچرو سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ کنيو جنهن ۾ ضلعي انتظاميا خاص مهم تحت ڪم ڪندي 75000 ٽن ڪچرو کڻڻ به شامل آهي. مراد علي شاهه شهرين تي زور ڀريو ته اهي صوبائي حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ پنهنجن گهرن جو ڪچرو ڊسٽبن ۾ اڇلائين. هن بلڊرز کي به چيو ته اهي پنهنجو ملبو ۽ تعميراتي سامان تعمير هيٺ عمارتن مان پاڻ کڻائين. مراد علي شاهه ميڊيا وارن کي چيو ته اهي مثبت رپورٽ ڪن ۽ ڪلين ماءِ ڪراچي مهم بابت منفي روئي کان پرهيز ڪن. هن چيو ته اسان هن شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ شهر جي هر هڪ سان ڳانڍاپو آهي ان ڪري اوهان کي گهرجي ته اوهان مثبت رپورٽنگ ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته هن اربع جي رات گلشن اقبال بلاڪ 6 جو دورو ڪيو هو ۽ هڪ راندين واري ميدان مان کنيل ڪچري واري ڪم جي نگراني ڪئي جڏهن آئون اتان کان هليو ويس ته ميڊيا رپورٽ ڪئي ته وڏي وزير جي وڃڻ کانپوءِ گرائونڊ ۾ ڪچرو ٻيهر ڦٽو ڪيو ويو. هن چيو ته اهو تصور جو اصل رخ نه آهي. هن چيو ته غلط رپورٽ سبب ڪجهه ماڻهن کي غلط فهمي ٿيندي آهي. هن چيو ته ڪلين ماءِ ڪراچي مهم گهٽين ۽ کليل گرائونڊن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان کي سڄي شهر ۾ تيار ڪيل عارضي جي ٽي يس ۾ ڊمپ ڪيو پيو وڃي. سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ اٿارٽي عارضي جي ٽي ايس مان ڪچرو کڻي لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ جي پابند آهي ۽ اهو 30 ڏينهن جي مهم ۾ جاري رهندو. هن ميڊيا وارن کي چيو ته اهي پازيٽو رول ادا ڪن. شاهد خاقان عباسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هن ملڪ جي بطور وفاقي وزير ۽ وزيراعظم خدمت ڪئي آهي ۽ ان سان بدتميزي ۽ غلط رويو نه رکيو وڃي ها. هن چيو ته مون ٻڌو آهي ته نيب پيٽروليم ايڪسپرٽ کي ان وٽ ڳالهائڻ لاءِ اماڻيو ويو هو جنهن ان سان بدتميزي ڪئي جيڪا بلڪل غلط ڳالهه آهي. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي هن ملڪ لاءِ پنهنجي بهترين صلاهيتن سان خدمت ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم ئي ڪرڪيٽ تي ڳالهائڻ لاءِ گهڻو آهي ۽ هن (ڪرڪيٽ تي) پنهنجي آمريڪي دوري ۾ به ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هو ڪراچي ۾ وڌيڪ پرڏيهي ڪرڪيٽ واپس اچڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته آئون نئين آسٽريلين هاءِ ڪمشنر کان پڻ درخواست ڪئي آهي ته جنهن اڄ کيس صبح ملاقات ڪئي ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ميچن لاءِ ڪراچي اماڻيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *