پاڪستان سعودي مخالف اتحاد ۾ شموليت جي ايراني آڇ رد ڪري ڇڏي

دبئي (اين اين آءِ) عرب اخبار الحيا پنهجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ايران پاران يمن ۾ سعودي مخالف اتحاد ۾ شموليت واري آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني وزيراعظم نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف اسلام آباد ۾ ايران جي پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف سان ملاقات دوران يمن ۾ هڪ وسيع البنياد حڪومت قائم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايراني وزير بند دروازن پويان سعودي حڪومت مخالف اتحاد جوڙڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي پاڪستاني جي فوجي عملدارن رد ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي پارليامينٽ تي گڏيل طور تي گڏيل طور يمن جي صورتحال تي غيرجانبدار رهڻ ۽ يمن جي مسئلي  جو سفارتي ذريعي حل ڀرڻ جو زور ڀريو. اسرائيلي ميڊيا عرب اخبار الحيا ۾ پڇيل رپورٽ جي حوالي سان دعويٰ ڪئي ته پاڪستان مبينا طور تي سعدوي عرب جي خلاف ترڪي سان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي تهران واري رڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستان ايران ۽ ترڪي تي ٻڌل ايراني آڇ رد ڪري ڇڏي، اتحاد جو مقصد سعودي عرب جي قيادت ۾ اتحادين جو مقابلو ڪرڻ هو . سعودي اتحادين ۾ مصر ۽ اردن شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *