موجوده صورتحال ۾ ٽياڪڙي جي ڳالهه ڪرڻ مذاق برابر آهي: سعودي صلاحڪار

اسلام آباد (اين اين آءِ) سعودي صلاحڪار اعليٰ مذهبي معاملن جي وزير داڪٽر عبدالعزيز بن عبدالله العمار چيو آهي ته پاڪستاني قوم جو موقف آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، موجوده صورتحال ۾ ٽياڪڙ جي ڳالهه ڪرڻ مزاق جي برابر آهي. اسان مظلوم جو ساٿ ڏينداسين ۽ ظالم جو هٿ روڪينداسني. متحده عرب امارات جي وزير جو بيان شڪايت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سعودي صلاحڪار چيو ته يمن ۾ هڪ پاسي باغي آهن ۽ ٻئي پاسي قانوني حڪومت آهي جيڪو مظلوم آهي اسان مظلوم جو ساٿ ڏينداسين ۽ ظالم جو هٿ روڪينداسين. ٽياڪڙ جي حوالي اسن ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ٽياڪڙ جي ڳالهه ڪرڻ مذاق جي برابر آهي. هن چيو ته ٺاهه ته ٻن مخالف گروهن وچ ۾ ڪرايو ويندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته متحده عرب امارات  جي وزير جو بيان شڪايت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي جيتري قدر يو اي اي جي وزير جي بيان جو تعلق آهي ته اهو ان جوموقف آهي مان ان جي پنهنجي موقف تي ڪا به ڳالهه نه ٿو چوڻ چاهيان. هن چيو ته اوهان سان ڪاوڙ اهو ئي ڪندو آهي جيڪو اوهان سان محبت ڪندو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سعودي شهري هجڻ جي حيثيت سان مون تي اثر پيو آهي. پاڪستاني قوم جو موقف آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *