اماراتي وزير جون ڌمڪيون ظلم ئي نه پر ڳڻتي جي ڳالهه پڻ آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار گڏيل عرب امارات جي زوير جي بيان تي ردِ عمل ڏيکاريندي چيو ته اماراتي وزير جون ڌمڪيون ظلم ئي نه پر ڳڻتي جي ڳالهه پڻ آهي. چوڌري نثار چيو ته  گڌيل گڏيل عرب امارات  جو وزير ڌمڪيون پيو ڏي ، پاڪستاني قوم سعودي عرب سان گڏ  امارات جي عوام لاءِ به ڀائپي وارا جذبا رکي ٿي. هن چيو ته اماراتي وزير جون ڌمڪيون سفارتي لاڳاپن جي ابتڙ آهن ۽ پاڪستان انهن ڌمڪين کي قبول نه ڪندو. واضح رهي ته متحده عرب امارات جي پرڏيهي وزير معاملن جي رياستي وزير ڊاڪٽر انور محمود گرگاش پاڪستان کي ڌمڪي ڏني هئي ته يمن جي صورتحال تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي ٻٽي معيار تي کيس ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي هٿي. بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ کي ڦاهي ڏيڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو رهيو آهي پاڪستاني جي حيثيت ۾ رت جو ڳوڙها روئي رهيو آهيان. اُهو ڪٿي جو انصاف آهي ۽ ڪهڙو داخلي معاملو آهي. 1970 ۾ اُن وقت آئيني ۽ قانوني مملڪت سان وفاداري نڀائيندڙن کي 45 سالن کانپوءِ ڦاهي تي لٽڪايو وڃي؟ هن مطالبو ڪيو ته جمهوريت ۽ انصاني حقن جي بين الاقوامي علمبردارن کي بنگلاديش جي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *