پاڪستان جو هر شهري 94 هزار 890 رپين جو قرضي آهي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جو هر شهري 94 هزار روپين جو قرضي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت پهرين جولائي کان 31 مارچ 2017 تائين 819 ارب روپين جو وڌيڪ مقامي قرض ورتو، جمعي تي قومي اسيميبلي جي اسپيڪر اياز صاديق جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊسمبر 2016 تائين ورتل مقامي قرض ۽ پرڏيهي قرضن جي تفصيل پيش ڪئي وئي، ناڻي جي وازارت پاران جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته 31 ڊسمبر 2016 تائين گڏيل مقامي قرض 12 هزار 310 ارب روپيا آهي. جڏهن ته ان تاريخ تائين پرڏيهي قرضن جو ڪاٿو 58 ارب ڊالرن جو هيو، لکت جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جولائي 2016 کان 31 مارچ 2017 دوران موجوده حڪومت 819.1 ارب روپين جو مقامي قرض ورتو جيڪو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ تجارتي بينڪن مان ورتو ويو. حڪومت اسٽِٽ بينڪ آف پاڪستان کان 734.62 ارب روپيا ۽ ڪمرشل بينڪن کان 84.50 ارب روپين جا قرض ورتا. جواب موجب پاڪستان جو هرشهري جي ذمي 94 هزار 890 روپيا  ادا ڪرڻ  آهن. ٻئي طرف سوالن جي وقفن دوران گھرو وزارت لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته هن وقت 26 سئو ڪلوميٽر ڊگھي پاڪ افغان سرحد مڪمل بند ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. طورخم سرحد تي گيٽ جي تعمير ۽ باڙ لڳائڻ جا قدم ڪيا ويا آهن. ججڏهن ته ٽريفڪ جي ڊجيٽل نگراني چيڪ پوسٽ جو قيام ۽ اسڪينرز ۽ نگراني جي سامان جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي. ٻڌايو ويو ته ايف سي ڪي پي ڪي جي ڪنٽرول هيٺ علائقي ۾ 50 کان وڌيڪ نيون پوسٽون قائم ڪيو ويون آهن، جڏهن وڌيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي منصوبابندي جاري آهي، جواب ۾ چيو ته پاڪ ايران سرحد تي به  گيٽ تعمير ٿي چڪا آهن جينهن جي ٻنهي طرفان 126 ڪلوميٽر ڊگھِي کاردار تار لڳائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *