نواز شريف نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م.ڊ) نواز شريف نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، شريف خاندان پانامه ڪيس جي فيصلي جي خلاف نظر ثاني اپيلن تي فيصلو ٿيڻ تائين نيب اڳيان پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پانامه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نيب شريف خاندان سميت اسحاق ڊار خلاف ريفرنسز داخل ڪڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، جنهن تحت اسحاق ڊار کي 23 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شريف خاندان جي اثاثن جي تفصيلات جي لاءِ سعودي عرب کي به خط لکيو ويو آهي، ذريعن موجب شريف خاندان پنهنجي وڪيلن سان مشاورت بعد نيب کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته نظر ثاني اپيل تي فيصلو اچڻ تائين نيب جي سامهون پيش نه ٿبو. ياد رهي ته اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ئي نظر ثاني جون  ٽي مختلف اپيلون داخل ڪيون آهن. ن ليگ جي ذريعن موجب سڀني جي راءِ آهي ته نيب ريفرنس کي تسليم ڪرڻ جو ڪوئي جواز نه آهي ۽ في الحال جاچ عمل جو حصو بڻجڻ جو به ڪوئي جواز نه آهي، ن ليگ ذريعن موجب سڀني جو چوڻ آهي ته نيب ڪارروائي غير منصفانه، غير شفاف ۽ هڪ طرفي آهي. ذريعن موجب نيب شريف خاندان کي نيب قانون جي سيڪشن 9 جي تحت نوٽيس جاري ڪيا هئا جنهن جي تحت نواز شريف، حسين ۽ حسن نواز کي نيب اڳين پيش ٿيڻو هو پر شريف خاندان جي عدم پيشي تي نيب وري ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نيب جي قانون جي تحت سيڪشن 24 اهڙو سيڪشن آهي ڪوئي جوابدار جيڪڏهن تعاون نه ڪري رهيو آهي ته سيڪشن چيئرمين نيب کي هي اختيار ڏئي ٿو ته هو جوابدار کي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ وٺي تعاون گهري سگهي. نالي واري قانوندان فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي فوري گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائڻ گهرجي. ٻئي طرف شريف خاندان کي نيب اڳيان پيش ٿيڻو هو پر پيش نه ٿيو، جڏهن ته ن ليگ جي سينيٽر آصف ڪرماڻي شريف خاندان کي نيب جي طرفان ڪنهن به قسم جي نوٽيس ملڻ جي ترديد ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *