جعلسازي ڪندڙ کي عوامي نمائندگي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪيندي چيو آهي ته جيستائين چونڊيل نمائندن کي نااهل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جو دائرو طئي نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين عام چونڊن ۾ ڄاڻايل تڪ تان چونڊيل شوڪت عزيز ڀٽي جي نااهليت برقرار رهندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ نااهليت فيصلي خلاف شوڪت عزيز ڀٽي جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي قرار ڏنو ته عوامي نمائندگي جي قانون تحت چونڊيل ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آئيني ۽ قانوني تشريح جو طلبگار آهي، جيستائين عوامي نمائندگي جي قانون جي سيڪشن 103 اي جي آئين جي شق 225 کي نظر ۾ رکندي جائزو وٺي تشريح نه ڪئي وڃي تيستائين اپيل جو ڪو آخري فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي.  چيف جسٽس چيو ته جنهن جعلسازي ڪئي هجي اهو عوامي نمائندگي جو حق نه ٿو رکي پر الزام جي جاچ جو فورم ڪهڙو هوندو، اهو به طئي ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس آبزرويشن ڏني ته اختيارن کانسواءِ جاري حڪم جي قانوني حيثيت نه هوندي آهي، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي مقرر مدي کانپوءِ ڪنهن چونڊيل ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار به آهي يا ناهي؟   ٻڌڻي هيٺ ڪيس جو تعلق اختيار طئي ڪرڻ سان آهي، جنهن جي فيصلي جو اثر نه رڳو ڪيس پر ان نوعيت جي ٻين ڪيسن تي به پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *