پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن ڌڙي جي حمايت نه پيو ڪري: فيص حميد

اسلام آباد (اين اين آءِ) انٽر سروسز انٽيلجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد افغان حڪومت جا الزام رد ڪندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن ڌڙي جي حمايت نه پيو ڪري پاڪستان مان افغانستان ۾ ڪائي مداخلت نٿي ٿئي. اصل ۾ افغانستان طرفان پاڪستان ۾ مدخلت ٿي رهي آهي، جمعي تي خانگي ٽي وي مطابق ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن ڌڙي جي حمايت نه پيو ڪري ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته پاڪستنا چاهي ٿو ته افغانستان ۾ سمورن گروپن ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ امن قائم ٿئي هن چيو ته پاڪستان علائقائي سيڪيورٽي، واپار لاءِ ۽ خطي ۾ وڏي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي هن چيو ته دهشتگردي جا سڀ مرڪز افغانستان ۾ موجود اهن اسان جي جوانن کي پاڪ افغان بارڊر تي ٽارگيٽ بنايو پيو وڃي پاڪستان موقف واضح طور تي پيش ڪيو آهي اهڙا الزام لڳندا رهيا ته حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *