ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي اترين علائقن ڏانهن نه وڃڻ جي هدايت

اسلام آباد(م.د) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ماڻهن کي اتر وارن علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران اسد عمر چيو ته عيد جي موڪلن ۾ احتياط جي گهڻي ضرورت آهي، ائين نه ٿئي جو توهان جي تفريح خدا نخواسته ڪنهن جي موت جو سامان نه بڻجي پوي. هن چيو ته ويڪسينيشن کان پوءِ ڪورونا جو خطرو گهٽ ٿيڻ سان واضح شاهديون موجود آهن ان ڪري جن ماڻهن ويڪسين نيشن نه ڪرائي ته عيد جي موڪلن ۾ اتر وارن علائقن جو رخ ڪرڻ کان پاسو ڪن. اسد عمر جو چوڻ هو ته ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙن کي وائرس جون ٻئي خوراڪون وٺندڙن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ خطرو آهي، ويڪسينيشن کان پوءِ ڪورونا به ٿي وڃي ته انفيڪشن شديد ناهي ٿيني. ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 31 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 2 مهينن کان پوءِ 6 سيڪڙو کان وڌي وئي.  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 37690 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2327 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 31 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.17 سيڪڙو رهي ۽ اِها شرح گذريل لڳ ڀڳ 2 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ شرح آهي. ان کان اڳ 22 مئي تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.43 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي هئي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22720 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 83 هزار 719 تائين پهچي چڪو آهي. ان کان سواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 956 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان شفاياب ٿيندر ماڻهن جو انگ 9 لک 17 هزار 329 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 43670 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *