اشرف غني جا الزام رد، افغان امن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان  ڏنيون : عمران خان

اسلام آباد/تاشقند(اين اين آءِ/م.د)  وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني طرفان پاڪستان تي لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. سينٽرل ۽ سائوٿ ايشين ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني پاڪستان تي الزام هنيو ته پاڪستان مان 10 هزار ويڙهاڪ افعانستان ۾ داخل ٿيا. اشرف عڻي چيو ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون نه ٿيون ته اسان وڙهنداسين، اهو امن جو آخري موقعو آهي. اشرف غني جي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اشرف غني پاران پاڪستان تي الزام هنيا پيا جيڪي مڪمل طور تي بي بنياد آهن. عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو سڀ کان وڌيڪ خواهشمند آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان چئي رهيا هئاسين تڏهن طالبان سان نه ڳالهايو ويو، هاڻ طالبان فتح جي ويجهو آهن ته پوءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.  پاڪستان افغان نائب صدر امرالله صالح جا اهي الزام رد ڪندي چيو ته اهڙا الزام جنگ سٽيل افغانستان ۾ افغان سربراهي ۽ افغانين تي ٻڌل حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي پاڪستان جي ڪوششن کي مجروح ڪري رهيا آهن تفصيل موجب امر الله صالح هڪ ٽيوٽ ۾ الزام هڻندي دعويٰ ڪئي هئي تهپاڪ فضائيه ڪجهه علائقن ۾ طالبان کي فضائي مدد فراهم ڪري رهي آهي هن پنهنجي ٽيوٽر پيغام ۾ لکيو هو ته بريڪنگ، پاڪ فضائيه افغان فوج ۽ فضائيه کي باضابطه چتاءُ جاري ڪيو آهي طالبان کي اسپن بولدڪ جي علائقي مان ڪڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي پاڪ فضائيه منهن ڏيندي ۽ ان کي ناڪام ڪري ڇڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان انهن الزامن کي رد ڪندي چيو ته افغانستان پاران پاڪستان کي افغان سرزمين تي چمن بارڊر جي ٻئي پاسي ايئر آپريشن بابت آگاهه ڪيو ويو هو پاڪستان هاڪاري جواب ڏيندي افغان سرزمين تي ڪنهن به ڪارروائي کي ان جو حق قرار ڏنو هو ترجمان چيو ته جاري حالتن جي تنازر ۾ ڪنهن به امڪاني هادثي سبب پاڪستان پنهنجي طرف حفاظتي قدم مڪمل ڪيا سمورا الزام پنهنجي ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي سرزمين تي ڪيا ويا پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خودمختيار افغان سرزمين تي ڪنهن به ايڪشن لاءِ خود افغان حڪومت جي حق کي جائز سمجهون ٿا پاڪ فضائيه ان حوالي سان افغان فضائيه سان ڪنهن قسم جو پيغام ناهي پهچايو افغان نائب صدر جا الزام غلط آهن، هن چيو ته اهڙا الزام افغانستان جي حل لاءِ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کان انڪار آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *