پاڪستاني مشهور اداڪار همايون سعيد پاران ڊي جي آءِ ايس پي آر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

 

ڪراچي(شوبز نيوز)  مشهور اداڪار همايون سعيد ۽ پاڪ فوج جي ترجمان آصف غفور وچ ۾ ٽوئٽر تي دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. جنهن ۾ همايون سعيد ڊي جي آءِ ايس پي آر جي لاءِ نيڪ خواهشون ۽ پاڪ فوج تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.اداڪار همايون سعيد ٽوئٽر تي پنهنجي ۽ ميجر جنرل آصف غفور جي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي. تصوير ۾  ٻئي ڄڻا تمام گهڻو خوش ۽ هڪ ٻئي سان گلي ملي رهيا آهن. همايون سعيد تصوير سان گڏ پيغام به لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو  آهي ته  ترجمان پاڪ فوج سان ملاقات ڪري هميشه تمام سٺو  محسوس ٿيندو آهي. آصف غفور تمام گهڻو عاجز ۽ پرجوش انسان آهي جيڪو ميڊيا ميمبرن جو احترام ۽ ان جي عزت ڪندو آهي.خدا پاڪ فوج جي ترجمان کي صحت ۽ خوشيون ڏئي ان سان گڏ ئي همايون سعيد پاڪ فوج تي اعتماد جو اظهار ڪندي(هماري پاس تم هو) جو بيش ٽيگ استعمال ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور همايون سعيد جي ٽوئٽ جي جواب ۾ چيو ته اوهان جي مهرباني هيرو همايون سعيد. هن همايون سعيد جي مشهور ڊرامي(ميري پاس تم هو) جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته(ميري پاس تم هو) کان(هماري پاس تم هو) تائين قوم جي حمايت ۽ پاڪ فوج تي ان جو اعتماد اسان لاءِ فخر آهي.مون کي خبر آهي ته هي جملو اوهان جي دل جي ويجهو آهي آرام سان سمهي رهو. اسان آهيون نه. ان سان گڏ ئي پاڪ فوج جي ترجمان هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *