ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽڻ ۾ پوري ٽيم جي محنت شامل آهي: سعود شڪيل

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل(اي سي سي) ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فاتح پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سعود شڪيل چيو آهي ته ايمرجنگ اشيا ڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن جو نتيجو ڪاميابي جي صورت ۾ مليو.پاڪستان گذريل هفتي بنگلاديش کي اي سي سي ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ 77 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. پاڪستان پهچڻ کان پوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان سعود شڪيل چيو ته ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان اهم ميچ ڀارت جي خلاف سيمي فائنل رهيو جنهن ۾ پاڪستان جي ٽيم بهترين حڪمت عملي اپنائي.سعود شڪيل چيو ته پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو ته ڀارتي رانديگرن پاڪستان جي خلاف ميچ ۾ جارحانه بجاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو پاڪستان کي ڀرپور موقعو مليو. ياد رهي ته سيمي فائنل ۾ پاڪستان روايتي حريف ڀارت کي آخري اوور ۾ 3 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *