ڀارت ۾ شادي ڪرڻ روح وڪڻڻ برابر آهي : ڪرينا ڪپور

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي موسٽ اسٽائلش اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته ڀارت ۾ شادي ڪرڻ روح وڪڻڻ برابر آهي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ بالي ووڊ اداڪارا چيو ته شادي کانپوءِ پابندين کي منهن ڏڻو پوي ٿو. مشهور اداڪار سيف علي خان جي زال ڪرينا ڪپور جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ڀارت ۾ شادي ڪرڻ روح کي وڪڻڻ برابر آهي. واضح رهي ته اداڪارا ڪرينا ڪپور سيف علي خان سان شادي ڪرڻ کانپوءِ به فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته مختلف ٽي وي شوز ۾ پڻ نظر ايندي آهي. سيف علي خان پڻ انڊسٽري ۾ سرگرم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *