پاور سيڪٽر ۾ اڳاڙين جي ناقص صورتحال، 6 سالن ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ 250 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (اين اين آءِ) پاور سيڪٽر ۾ اڳاڙين جي ناقص صورتحال سبب 6 سالن ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ 250 سيڪڙو واڌ ٿي وئي دستاويز موجب 2015 کان 2021 تائين سرڪلر ڊيٽ ۾ هڪ هزار 631 ارب رپين جي واڌ ٿي جڏهن ته جون 2015 ۾ سرڪلر ڊيٽ 649 ارب رپيا هئي. جون 2021 ۾ سرڪلر ڊيٽ 2280 ارب رپين کان ٽپي ويو جنهن کان پوءِ 2324 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي گذريل ٽن سالن ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻ تي واڌ ٿي، 6 سالن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ذمي رهتون 63 ارب کان وڌيڪ 292 ارب رپيا ٿي ويون. ڪي اليڪٽرڪ 292 ارب رپين جي باقيدار ۽ بلوچستان حڪومت زرعي ٽيوب ويلن جي مد ۾ 354 ارب رپين جي باقيدار آهي. 6 سالن ۾ زرعي ٽيوب ويلن جون رهتون 8 ارب مان وڌي 354 ارب رپيا ٿي ويون. هن عرصي ۾ آزاد ڪشمير حڪومت جون رهتون 53 ارب مان وڌيڪ 90 ارب رپيا ٿي چڪيون آهن ٻين ادارن جون رهتون 389 مان وڌي 687 ارب رپيا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽيبيوشن لاسز 162 ارب مان وڌي 413 ارب رپيا ٿي ويا نيپرا جو خانگي بجلي گهرن جي مارڪ اپ جي اجازت نه ڏيڻ جي رقم 282 ارب آهي مختلف ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ 144 ارب رپيا بقايا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *