گورک روڊ جي مرمت ۽ واٽر سپلاءِ وارن 55 ڪروڙن جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي سياحتي ماڳ گورک ھل تي روڊ جي مرمت ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم وارن 55 ڪروڙ رپين جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران جاري ڪيل آڊٽ رپوٽ گورک هل  اٿارٽي جي چيئرمين رفيق جمالي  پنهنجي دوست زاهد علي شاهه جي تعميراتي ڪمپني ميسم ۽ ايم خان کي فائدو ڏئي سرڪاري خزاني کي  70 لک رپين جو نقصان رسايو، آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته واهي پانڌي روڊ کي ويڪرو ڪرڻ ۽ ان جي مرمت  جو ٺيڪو 40 ڪروڙ 63 لک  رپين ۾ ڏنو ويو. اٿارٽي کي ٺيڪيدارن 100 رپين تي 35 پئسا اسٽيمپ ڊيوٽي وصول ڪرڻي هئي، اٿارٽي اختيارين ٺيڪيدار  کان اسٽيمپ  ڊيوٽي جا 16 لک 17 هزار رپيا وصول نه ڪيا، جڏهن ته نئين گاج مان گورک هل کي پاڻي پهچائڻ واري واٽر سپلاءِ اسڪيم جو 15 ڪروڙن ۾ ٺيڪو ڏنو ويو، جنهن جي 5 لک 25 هزار رپيا اسٽيمپ ڊيوٽي وصول نه ڪئي وئي، آڊٽ رپورٽ موجب  ٻئي ٺيڪا ميسم تعميراتي ڪمپني ۽ ايم خان کي ڏنا ويا. آڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2018ع ۾ اعليٰ آفيسرن کي لکيو ويو ته حڪومت کي ڏنل نقصان  جي انڪوائري ڪرائي وڃي،  کاتي جي آڊٽ ڪاميٽي جو اجلاس سڏايو وڃي.رپورٽ فائل ٿيڻ تائين آڊيٽر جنرل پاران ڪيل نشاندهي جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو ۽ نه ئي وري کاتي جي آڊٽ ڪاميٽي جو اجلاس گهرائي کين آگاهه ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ميسم ڪمپني جا شرڪنگ الائونس جي مد ۾ 52 لک رپيا نه ڪاٽيا ويا، جيڪا واهي پانڌي کان گورک هل تائين 9 ڪلوميٽر روڊ جي مرمت ۽ ويڪري ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهي هئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *