گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌارو عوامي دشمني آهي: ڄام اڪرام ڌاريجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گيس جي قيمتن ۾ 37 سيڪڙو واڌرو ۽ بجلي جي قيمتن تي صدارتي آرڊيننس تي صوبائي وزير صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتي ڄام اڪرام الله پنهنجي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت جي هن عمل کي عوام دشتمني قرار ڏنو آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته گيس جي قيمتن ۾ 37 سيڪڙو واڌاري سان صارفين جون رڙيون نڪري وينديون ۽ مهانگائي جو طوفان اچي ويندو . ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته گيس جي قيمتن ۾ ان قدر واڌاري سان معيشت تي خراب اثر پوندا، جڏهن ته بجلي جي قيمتن جي متعلق صدارتي آرڊيننس عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ وانگر آهي. هن چيو ته گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌارو عوام دشمني آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌاري کي رد ڪري ٿي. صوبائي وزير صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتي ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو تنهن هوندي به اهي دعويٰ ڪرڻ وارن عوام کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت ذريعن جي مطابق بيروزگاري جي شرح ۾ واڌارو ٿيو آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري پريشاني جو شڪار آهي.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *