پاڪستان ۽ ماريشيس جو تعليم، صحت ۽ واپار جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين ۽ ماريشيس جي صدر ڊاڪٽر امينه فردوس وچ ۾ تعليم صحت ۽ واپار جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ٿيو هي اتفاق صدر ممنون حسين ۽ ماريشس جي صدر ڊاڪٽر امينه فردوس وچ ۾ ايوان صدر ۾ ون آن ون ۽ وفد جي سطح تي ملاقات ۾ طئي ٿيو صدر چيو ته پاڪستان ماريشس سان ٻطرفو لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان ۽ ماريشس جا خوشگوار پراڻا آهن هن چيو ته هاڻي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ معاشي ۽ تجارتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده تجارتي هجم صلاحيت کان گهٽ ان ڏس ۾ بنهي ملڪن وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻطرفو واپار وڌي سگهجي صدر ممنون حسين چيو ته فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز ۽ ماريشس چيمبر وچ ۾ اداراجاتي سطح تي لاڳاپا فائديمند آهن هن چيو ته پاڪستان ۽ ماريشس وچ ۾ سڌي طرح فضائي رابطا شروع ٿيڻ گهرجن ته جيئن واپار سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. صدر مهمان صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ صدر آزاد ڪشمير سردار محمد يعقوب گورنر پنجاب رفيق رجوانا انوشا رحمان طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي مهمان صدر ڊاڪٽر آمنه فردوس تجويز ڏني ته ماريشس ۾ هفتو پاڪستان ملهائڻ گهرجي جنهن ۾ پاڪستاني ثقافت معاشرت ۽ شين جي نمائش ڪئي وڃي صدر مهمان صدر صدر ممنون حسين جو شاندار استقبال تي شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس ماريشس جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا صدر قبول ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *