پارليامينٽ جي هنگامي ۾ عمران جي سوچ آهي، هڪ ماڻهوءَ جي ذهني حالت تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاليامينٽ ۾ هنگامه آرائي جي پويان عمران خان جي انتشار واري سوچ آهي پوري سچائي سان چئي رهي آهيان ته عمران خان سپريم ڪورٽ کان ڀڄڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي تحريڪ انصاف مريم نواز کان خوفزده آهي جمعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ وقت اهڙو هو ته عمران خان پارليامينٽ کان ٻاهر حملو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن اڳ هن پارليامينٽ ۾ حملو ڪيو هو سڀ ان جي لاءِ ڪري رهيو آهي ڇو ته هو عدالت ۾ پنهنجو پاڻ کي هارايل ڏسي رهيو آهي پوري يقين سان چوان ٿي ته هو سپريم ڪورٽ کان ڀڄڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. عمران خان نوازشريف جي ڪنهن ڪرپشن ڪيس کي سامهون آڻي ان کي کليل چئلينج آهي هن چيو ته عمران خان ته پنهنجو جواب نه ڏيئي رهيو آهي ڪي پي اي احتساب ڪميشن کي تالو هڻي ڪرپشن ڪندڙن کي سهولت ڏيڻ لاءِ مثال قائم ڪري رهيو آهي اسان سچائي تي ٻڌل سياست ڪري رهيا آهيون ۽ ڪوڙ واري سياست دفن ٿي چڪي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *