منهنجي ذميواري آهي ته قوم جي ٻارن کي جديد تعليم ڏياريان جيئن روشن پاڪستان جي تعبير ٿئي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته جديد علم تي ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن کي جديد سهولتون ۽ شاگردن کي جديد علم سان سينگهاريو ويندو اسان کي پنهنجي ٻارڙن لاءِ لائحه عمل جوڙڻو آهي غفلت جو مظاهرو ڪيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي رياضي ۽ سائنس جهڙن مضمونن جي تعليم جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هو جمعي تي وزيراعظم آفيس ۾ 21هين صدي جي لاءِ پاڪستان جي تياري جي موضوع تي تقريب ۾ ڳالهائي رهيو هو تقريب جو اهتمام پاڪستان الائينس فار ميٿ اينڊ سائنس ڪيو هو ۽ ان ۾ وفاقي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزير شاهد خاقان عباسي وفاقي فوڊ سيڪيورٽي جو وزير سڪندر حيات بوسن پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار طارق فاطمي اسيمبلي جا ميمبر تعليم جا ماهر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وزيراعظم نوازشريف چيو ته تعليم جو موضوع انتهائي اهميت وارو آهي رياضي ۽ سائسنس اسان جي لاءِ انجنبي اصلاحتون نه آهن ان علم جون پاڙون وڏيون گهريون آهن مستقبل جو دارومدار انهيءَ علم تي مهارت ۾ آهي هن چيو ته اسان اهڙي خطي ۾ رهون ٿا جنهن جي تهذيب ۽ ورثو صديون پراڻو آهي ۽ اها تهذيب مختلف علم ۾ مهارت واري هئي هن چيو ته دنيا مان جهالت جي اونداهي ختم ڪرڻ لاءِ نبي ڪريم صلعم جو ظهور ٿيو تب، رياضي سميت مختلف شعبن ۾ بوعلي سينا البيروني جابر بن حيان جهڙن سائنسدانن سائنسي فڪر جو بنياد رکيو اسلامي تهذِب ۾ انهن ماهرن جو وڏو ڪردار رهيو آهي هن چيو ته برصغير جي مسلمانن جي سياسي بيداري ۾ به علمي اڳواڻن جو اهم ڪردار آهي سر سيد احمد خان کان وٺي قائداعظم تائين سڀني علمي ۽ سياسي ميدان ۾ مسلمانن کي بيدار ڪيو وزيراعظم چيو ته اسان جي مستقبل جو دارومدار سائنس ۽ رياضي جي تعليم تي اهي هن چيو ته وفاقي گادي واري هنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي هن ڪيڊ واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته رياضي ۽ سائنس جي تعليم جي حوالي سان اڄ پيش ٿيندڙ رپورٽ جو جائزو وٺن ۽ ان جي سفارش کي جاچڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *