فيصلا چوڪن تي نه پر پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گھرجن، قوم کي اتحاد ۽ اتفاق طرف وٺي وڃڻو آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سول ۽ هٿياربند سهڪار کان سواءِ هر شعبي ۾ بهتري ايندي، سول ۽ عسڪري سهڪارن سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي، انٽرچينگ سان سڄي علائقي کي فائدو ٿيندو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته رابطا جيترا مضبوط هوندا ملڪ جو مستقبل ايترو ئي محفوظ هوندو، ماڻهن جي زندگي سولي ڪرڻ سان ئي ملڪ جو مستقبل بهتر ٿيندو، پاڪستان جو مستقبل گار گند ۽ ڀتيون ٺاهڻ۾ نه آهي، ملڪ ڪيترن ئي چئليجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان تاريخ جي ڏکئي ترين دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان ۾ اڪثريت سٺن ماڻهن جي آهي، انهن کي اڳتي اچڻ گھرجي، فيصلا چوڪن تي نه پر پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گھرجن، قوم کي اتحاد ۽ اتفاق طرف وٺي وڃڻو آهي، ورهاست ۽ گھرو انتشار سان موقون ترقي ناهن ڪري سگھنديون، ترقي يافتا قومن جا فيصلا روڊن تي ناهن ٿيندا، ملڪ ترقيءَ طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهو مون کان ناراض آهن پر اهوئي سچ آهي، ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ ڪير به سنجيده نه آهي، ڪرپشن جي ڳالهه ته سڀڪو ڪندو آهي پر ان تي اعمل ڪير به ناهي ڪندو. ملڪ جا سٺا ماڻهو خاموش نه ويهن پر آواز اٿارن، اسان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد هجڻ نه گھرجي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *