پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو حڪومتي پاليسين جي ناڪامي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه نئين سال جي آغاز تي پيٽرول ڊيزل گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊويزن جي قيمتن ۾ واڌ تي افسوس جو اظهار ڪيو اهي ۽ ان کي حڪومت جي پاليسين جي ناڪامي ڪوٺيو آهي هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جي موجوده فضا ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ظلم آهي اسان ڪنهن به صورت عوام هي ظلم نه ٿيڻ ڏينداسين مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته حڪومت ملڪ ۽ قوم تي اندروني ۽ بيروني قرضن جو بار رکي ڇڏيو آهي جنهن جو نتيجو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي هن چيو ته حڪومت جي اها دعويٰ ڪٿي آهي ته مالياتي ريزرو ملڪي تاريخ جي بلند سطح تي اهي اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت پهريان پيٽرول تي ناجائز ٽيڪس مڙهي عوام جي کيسن مان اربين رپيا ڪڍي رهي آهي ۽ هاڻي پيٽرول ڊيزل ۽ گاسليٽ جون قيمتون وڌائي عوام لاءِ مهانگائي جو نئون طوفان آندو آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام تي هي ٻٽو عذاب نازل ٿيڻ نه ڏيندي ۽ حڪومت جي صحت تعليم ترقي ۽ خوشحالي جي ڪوڙين دعوائن کي بي نقاب ڪندي. هن چيو ته حڪومت پيٽرو ڊيزل ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جلد کان جلد واپس وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *