نئين سال جي خوشين ۾ شهيدن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  شهرين کي نئين سال 2018ع جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته خوشيءَ جي موقعي تي شهيدن جي قربانين کي به ياد رکڻ گهرجي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سڄي ملڪ ۾ نئين سال جو جشن قوم جي حيثيت ۾ اسان جي ڪاميابين ۽ عزم جو عڪاس آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان کي خوشيون شهيدن جي قربانين سبب مليون آهن، اسان کي نئين سال جي موقعي تي شهيدن جي قربانين کي نه وسارڻ گهرجي ۽ سندن ٿورا مڃڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته 2018ع غير معمولي چئلينجن سان گڏ نهايت اهميت وارو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي عزم کي ڪو به شڪست نه ٿو ڏئي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *