نئين سال جو پهريون ڏينهن، لاڙڪاڻي ۾ جهيڙو، 3 قتل، حادثي ۾ 2 اجل جو شڪار

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) لاڙڪاڻو ويجهو زمين جي تڪرار تي کهڙا ۽ ڀٽو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي سبب 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. لاڙڪاڻي ويجهو نئون ديرو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ٻرڙا ۾ زمين جي تڪرار تي کهڙا ۽ ڀٽو برادري جي هٿياربندن پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ڀٽا برادري جا 3 ڄڻا مومن ڪڙيو، ناهيد ناريجو ۽ صدورو ڪڙيو مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن واقعي کانپوءِ ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا جڏهن ته فائرنگ بند ٿيڻ کانپوءِ ڪي ٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس لاش ۽ زخمين کي نئون ديرو اسپتال پهچايو، ٻنهي ڌرين ۾ زمين جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو. ٻئي پاسي آخري اطلاع ملڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.  لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 2 عورتون ۽ ٻار زخمي جڏهن ته هڪ ڇوڪرو بيهوش ٿي ويو. تفصيل موجب قمبر وڳڻ لنڪ روڊ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن سبب ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ عورت مسرت ٽن ورهين جو معصوم پٽ سس ليلا ۽ سهرو جان محمد مارفاڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي جان محمد مارفاڻي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش وارث کڻائي ويا، ٻئي پاسي لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني جي علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جو عرفان ۽ سندس سڳو ڀاءُ ولي زمان سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال کڻائي ويا جتي چئن ورهين جو ٻار عرفان حليو فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش وارث کڻائي ويا جڏهن ته زخمي ولي زمان جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ماهوٽا ويجهو ڳوٺ قاداڻي ۾ زرعي زمين جي زهريلي دوا سنگهڻ سبب 14 ورهين جو عبدالخالق گاداڻي بيهوش ٿي ويو جنهن کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو ڊاڪٽرن موجب بيهوش ڇوڪري جي حالت ڳڻتي کان ٻاهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *