ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي عورتن جي ٽيم جو اعلان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورتن جي ٽيم لاءِ 16 ڏينهن جي ٽريننگ جي ٽيم لاءِ رانديگرياڻين جو اعلان ڪيو آهي. ڪيمپ 5 کان 20 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. ڪيمپ ڪراچي ۾ لڳندي، ان لاءِ بائيو سيڪيور ماحول فراهم ڪيو ويندو. ڪيمپ دوران رانديگرياڻيون پنهنجي فٽنيس، ميچ پريڪٽس ۽ ميچ سيشنز ۾ حصو وٺنديون.ڇوڪرن جي انڊر نائنٽين ٽيم سان به ميچ ڪرائي ويندي. ڪيمپ ۾ شامل رانديگرياڻين ۾ ۾ ايمن انور، عاليا رياض، انعم امين، عائشه ظفر، ڊائنا بيگ، فاطمه ثنا، ارم جاويد، جويريا خان، ڪائنات امتياز، ماهم طارق، منيبا علي، نشرح سنڌو، ندا ڊار، عميمه سهيل، سعديه اقبال، صدرا امين، صدرا نواز ۽ رامين شميم شامل آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *