ٻيو ڪو رستو ئي ناهي: ڀارتي اداڪاره خط لکي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي(شوبز نيوز) ڀارت جي شهر بنگلور ۾ رهندڙ 25 سالن جي خوبصورت اداڪاره سوجانيا آپگهات ڪري ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن صبح جي وقت اداڪاره سوجانيا جو بنگلور ۾ سندس گهر مان لاش مليو.سوجانيا جي ڪمري مان خودڪشي کان اڳ مبينا طور تي 4 صفحن تي لکيل مليو آهي جنهن ۾ اداڪاره جي طرفان هن کي درپيش ذهني مسئلن ۽ ان تي قابو نه آڻڻ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي.خط ۾ لکيل آهي ته پنهنجي موت جو ذميوار هو ڪنهن کي به نٿي سمجهي ۽ پنهنجي گهر ڀاتين کان ان عمل لاءِ معافي به طلب ڪئي آهي.ڪرناٽڪ سان واسطو رکندڙ سوجانيا خط ۾ لکيو ته ” مان واعدو ڪيو هو ته مان زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙي ڪريل حرڪت نه ڪنديس پر مون وٽ هن کان علاوه ڪو ٻيو رستو ئي نه هو، مان اندر سان مڪمل طور تي مري چڪي آهيان.سوجانيا ڪئناڊا فلم انڊسٽري ۾ ٽي وي سيريز سميت ڪجهه فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *