سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ، ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪراچي جي بهتري لاءِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي گڏجي هلڻو پوندو. ڪي سي آر منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هي وڏو موقعو آهي، ريلوي آفيسر ۽ مزدور به موجود آهن، اسان ڪراچي ۾ ڪي سي آر منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ترقي يافته ملڪن جي ترقي کي عام طور تي هڪ ملڪ ليڊ ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪراچي جي اهميت جو اندازو نٿا لڳائي سگهو، انگلينڊ ۾ لنڊن، آمريڪا ۾ نيو يارڪ ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيندو، بنيادي انفرا اسٽرڪچر ۾ سڀ کان اهم شئي ٽرانسپورٽ هوندي آهي، ڪراچي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي آهي، ڪي فور منصوبو ڪراچي لاءِ نعمت هوندو، بريفنگ ڏني وئي ته ٻن سالن ۾ منصوبو مڪمل ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي بهتري لاءِ سنڌ ۽ وفاق کي گڏجي هلڻو پوندو، سياسي اختلاف وسارڻا پوندا، سنڌ جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني ڪري، ان منصوبي لاءِ ٻاهريان ماڻهو پئسو آڻڻ لاءِ تيار آهن، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جي ضرورت آهن، پاڪستان ۾ ڊالر ايندو ته ڪرنسي مضبوط ٿيندي، ڀنڊار ٻيٽ منصوبي سان سنڌ کي فائدو ٿيندو، ان معاملي تي سنڌ حڪومت سان ڳالهائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *