ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ورلڊ ڪپ، پاڪستان جي فتح سان شاندار شروعات

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي فاتحاڻي شروعات ڪئي آهي. نئين دهلي جي سري فورٽ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي نيوزي لينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڪيويز بيٽسمين پاڪستاني بالرن سامهون ٽڪي نه سگهيا ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي رڳو 112 رنس اسڪور ڪيو. ميڪ ڪاسڪل 27 رنسن سان ڪامياب بيٽسمين رهيو. پاڪستان طرفان محمد جميل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. 113 رنسن جي ٽارگيٽ ۾ پاڪستان بدر منير جي جارحاڻي اننگز سان 7.1 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. اوپننگ بيٽسمين هڪ ڇڪي ۽ 17 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 92 رنسن جي انگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏياري. محسن خان15 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو، بهترين بيٽنگ تي بدر منير کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. پاڪستاني ٽيم جو پهرين فيبري تي روايتي حريف ڀارت سان مقابلو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *