شاهه رخ خان جو پٽ ابرام ايندڙ نسل جو سپراسٽار ٿيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته نئين نسل جو سپر اسٽار منهنجو پٽ ابرام خان هوندو. شاهه رخ خان نئين رليز ٿيل فلم رئيس جي ڪاميابي بابت ڳالهائيندي چيو ته بالي ووڊ ۾ خانن جو جادو ختم ٿيڻ جو جواب ڏيندي هن چيو ته منهنجو ننڍو پٽ ايندڙ سپر اسٽار آهي، ان کي منهنجي نئين فلم رئيس پسند آئي آهي، هو به عام ماڻهن وانگر ليلا او ليلا جي گيت تي ڊانس ڪندو رهيو ۽ جڏهن آئون غنڊن کي ماري رهيو هئس ته هو چئي رهيو هو “گو پاپا گو”. هن وڌيڪ چيو ته مون کي ايڪشن فلمون ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو آهي، ننڍو هئس ته منهنجو ايڪشن به ٺيڪ هو، ڇو ته آئون جمناسٽر به هئس ۽ ڊوڙ به سٺي لڳائي ڇڏيندو هئس پر بدقسمتي آهي جو مون کي ايڪشن ڪردار نه مليا آهن، هاڻي وقت گذري ويو آهي ۽ مون کي ايڪشن سين پسند ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *