انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ويسٽ انڊيز ويندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني ويسٽ انڊيز جي دوري تي ويندي. شيڊيول موجب انگلش ٽيم ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ 22 فيبروري تي ويسٽ انڊيز پهچندي. ون ڊي سيريز کان اڳانگلش ٽيم ٻه وارم ميچون کيڏندي، جنهن کانپوءِ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 3 مارچ، ٻي ميچ 5 مارچ، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 9 مارچ تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *