ٽي ايل پي جا مطالبا پارليامينٽ ۾کڻي وينداسين، ڪرڪيٽ کٽڻ تي اختيار هجي ها ته عام موڪل ڪيان ها: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون سٺي طريقي سان هلي رهيون آهن، انهن جا مطالبا پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين. شيخ رشيد چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سان واعدو ڪيو آهي اهو پورو ڪنداسين، منهنجي خواهش آهي ته ٽي ايل پي سان جيڪي به معاملا آهن اهي حل ٿي وڃن. هن چيو ته مان درخواست ڪئي هئي ته ڳالهيون پنجاب حڪومت جي ذميواري آهي، ٽي ايل پي هڪ روڊ کولي ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم جي اچڻ کانپوءِ ڳالهيون ڪابينا ۾ رکنداسين، پابندي مڙهيل ٽي ايل پي چاهي ٿي ته انهن جا مطالبا جلدي پارليامينٽ ۾ موڪليا وڃن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت سان تاريخي فتح ٿي آهي، منهنجي اختيارن ۾ هجي ها ته مان عام موڪل جو اعلان ڪيان ها، ڀارت کي 10 وڪيٽن تي شڪست ڏئي تاريخي جشن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن ڀارت سان ميچ عام ڪرڪيٽ ميچ نه ڪرڪيٽ پلس هو. سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ فائنل ڪالهه ئي ٿي ويو، منهنجي لاءِ ورلڊ ڪپ ڪالهه ئي هو جيڪو پاڪستان کٽي ورتو، منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته اڄ موڪل ڪري ڇڏيان ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *