افغانستان تي علامي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن انساني بحران کان بچي سگهجي : آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر مسز وينڊي گليمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جا معاملا ۽ ٻطرفو تعاون ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون ويون سومر تي آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنرمسز ويندي گليمر جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان ڊگهي مدي، جٽادار ڀائيواري جو خواهشمند آهي آرمي چيف زور ڏنو ته افغانستان تي علامي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن انساني بحران کان بچي سگهجي ان سان گڏوگڏ افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو هن پرڏيهين جي ڪامياب انخلا جي آپريشنز ۾ پاڪستان جي مدد کي به ساراهيو ڪينيڊين هاءِ ڪمشنز ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم ڏيکاريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *