مريم ھر پيشي تي وڪيل تبديل ڪري ٿي، ھنن ڊيلي جي نھ کربن جي ڪرپشن ڪئي آھي: فرخ حبيب/فروخ نسيم/شھزاد اڪبر

لاهور (اين اين آءِ) جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا رهيا هجن اهي اڄ اهو چئي رهيو آهن ته هي انتقام آهي احتساب نه آهي گهٽ عرصي ۾ سوال لک کان ڏيڍ لک ڪس اڪلايا ويا وڪيلن ۽ ججز کان سواءِ قانونن تي عمل ممڪن نه آهي، وڏا وڏا مافيا انصاف حاصل ڪرڻ وارن مشنن جي آڏو اچي رهيا آهن. نظام انصاف کي درست ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، فوري سستو انصاف فراهم ڪرڻ واري مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڪيل ڪردار ادا ڪن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، سڌسماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب، مرزا شهزاد اڪبر، سينيٽر اعجاز چوڌري، الحمراه ۾وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو وفاقي وزير فروغ نسيم خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي ڪئي وئي آهي عمل وڪيلن جو ڪم آهي،. وزير قانونجي حيثيت سان ميرٽ کان هٽِ ڪجهه ناهي ڪيو فروغ نسيم چيو ته ماڻهن ڌڪا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم عمران خان جي ڪري اڄ به  قانون وارو وزير آهيان هن ٻڌايو ته هن چيو ته اسان جي ويڙهه ڪوڙ ۽ بدنيتي سان آهي قائداعظم محمد علي جناح به اڻٿڪ محنت جو درس ڏنو آهي هن چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف سان ئي ملڪ کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو هنچ يو ته مان انصاف لائرز فورم جو نالو نه ٻڌو هو جڏهن 2018 ۾ آيس ته ان وقت آئي ايل ايف ڇا هئي. هاڻي ڏسو ڇا آهي سسٽم ته مان ٺاهي ڇڏيو هاڻي هي اوهان جي هٿ ۾ آهي انصاف لائرز فورم جو ايجنڊا صرف عمران خان آهي ٻيو ڪوئي نه آهي پي ٽي آئي جا جيڪي وڪيل آهن اهي آئي ايل ايف آهن هن چيو ته اسان زبردست سول سڌارا آندا آهن. انصاف کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان نوان نوان قانون ٺاهي رهيا آهيون انهن قانون تي عمل جج يا وري وڪيل ڪن ٿا فرخ حبيب چيو ته مريم نواز پنهنجي احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڏني ٽال مٽول کان ڪم نه وٺو پهريون مجرم ڏٺو آهي جيڪو هڪ پاسي ته عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي هر پيشي تي پنهنجو وڪيل تبديل ڪري وٺي ٿو هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اڄ کان پهريان ڪنهن احتساب جي ڳالهه ڪئي جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا هجن اهي اڄ اهو چئي رهيا آهن ته هي انتقام آهي، احتساب نه آهي، هنچ يو ته شهبازشريف هڪ ٽڪي جي پر اربين رپينجي ڪرپشن ڪئي آهي شريف خاندان جو سمورو ڪاروبار جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه ٻاهر آهي هتي بس نوازشريف جو ڊاڪتر عدنان واپس اچي ويو ۽ نوازشريف واپس نه آيو. هنچ يو ته جتي طاقت هوندي آهي اتي حتساب به ٿيندو آهي هن چيو ته اسان جي حڪومت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي آهي ماڻهن کي سستو ۽ تڪڙو انصاف ڏيڻ چاهيون ٿا وزيراعظم عمران خان جو ويزن ڪليئر آهي، وزيراعظم عمران خان حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو شهزاد اڪبر چيو ته اسان وڪيلن کان سواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون وزيراعظم عمران خان سان منهنجو تعلق ان کي انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن جي ڪري آهي. سينيٽر اعجاز ڇوڌري چيو ته معاشري جو اصل مسئلو اخلاقي بحران آهي جنهن سان سمورن بحرانن جنم ورتو. صوبائي وزير راجا بشارت وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيوته آئي ايل ايف جي وڪيلن پارٽي کي زنده رکيو آهي وڪيلن جي مسئلي جي حل لاءِ انهن سان رابطي ۾ رهڻ ضروري آهي پنجاب ۾ وڪيلن جي هائوسنگ سوسائٽي ٺهڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *