ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ، پوليس سان چڪريون، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اقرا۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ، پوليس سان چڪريون، ڪيترائي استاد گرفتار، مظاهرين جو اسيمبلي آڏو ڌرڻو. چيف سيڪريٽري احتجاج کان اڳ استادن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبن جي مڃتا لاءِ 6 هفتن جي مهلت گهري پر استادن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد استادن سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو ۽ جيئن ئي اسيمبلي پهتا ته مک گيٽ وٽان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، تيستائين پوليس/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 19

پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڏني ۽ ڪيترن ئي استادن کي گهلي موبائيل ۾ وجهي کنڀيو ويو. جنهن بعد احتجاجي استادن اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو، پوليس جي وڏي نفري به پهچي وئي، مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو ويو. هوڏانهن استادن جو هڪ ٻيو گروپ هاءِ ڪورٽ واري رستي کان سي ايم هائوس ڏانهن روانو ٿي ويو. استادن جو مطالبو آهي ته کين پڪو ڪيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *