پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته به ڊي چوڪ تي سندس لاش 3 ڏينهن ٽنگيو وڃي: تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خصوصي عدالت سنگين غداري ڪيس جو تفيصلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، پرويز مشرف کي 5 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم. تفيصلي جي هڪ ڪاپي گهرو وزارت ۽ ٻي ڪاپي پرويز مشرف جي وڪيل حوالي ڪئي وئي. جسٽس وقار احمد سيٺ تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته ڦاسي کان اڳ پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته لاش ڊي چوڪ تي آندو وڃي ۽ لاش ٽن ڏينهن ڦاهي تي ٽنگيو وڃي. 169 صفحن تي ٻڌل تفصيلي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پرويز مشرف کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪيس پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، جنهن ۾ سخت ترين سزا به ڏني وڃي ته اها گهٽ آهي. جوابدار مٿان بنا ڪنهن شڪ جي سمورا الزام ثابت ٿين ٿا، جمع ڪرايل دستاويزن مان واضح آهي ته جوابدار ڏوهه ڪيو آهي، جوابدار کي هر الزام تي ڌار ڌار موت جي سزا ڏني وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته موت جي سزا جو فيصلو جوابدار کي روپوش قرار ڏيڻ بعد سندس غير حاضري ۾ ٻڌايو آهي. تفيصلي فيصلي ۾ موت جي سزا جو فيصلو ڪندڙ ٻن ججز لکيو ته آئين ٽوڙڻ، وڪيلن کي نظر بند ڪرڻ ۽ ايمرجنسي لڳائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پرويز مشرف کي موت جي سزا ڏني وڃي ۽ کيس ان وقت تائين ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، جيستائين سندس موت نه ٿي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ عدليه نظريهِ ضرورت متعارف نه ڪرائي ها ته قوم کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، نظريهِ ضرورت سبب يونيفارم آفيسر سنگين غداري جو ڏوهه ڪيو. جيڪو ڏوهه ڪيو ويو، اهو آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جي ڏوهه ۾ اچي ٿو. تفيصلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آرٽيڪل 6 جو اهو محافظ آهي، جيڪو رياست ۽ شهرين ۾ عمراني معاهدي کي چئلينج ڪندڙ جو مقابلو ڪندو آهي. پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ ٻن ججز تفيصلي فيصلي ۾ چيو ته اسان جي راءِ آهي ته سنگين غداري ڪيس ۾ جوابدار کي فيئر ٽرائل جو موقعو سندس حق کان وڌيڪ ڏنو ويو. آئين جي تحفظ جو ڪيس 6 سال پهريان 2013ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو 2019ع ۾ پڄاڻي تي پهتو. عدالت تفيصلي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرويز مشرف کي گرفتار ڪري آڻين، ته جيئن سزا ته عملدرآمد ڪرائي سگهجي. تفيصلي فيصلي جي 68 صفحي تي لکيو ويو آهي ته جوابدار پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر ڀڄائڻ وارن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. خصوصي عدالت جي 3 رڪني بينچ مان ٻن ججز جسٽس وقار سيٺ ۽ جسٽس شاهد فضل ڪريم موت واري سزا جي فيصلي تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نذر اڪبر اختلاف ڪيو هو، جسٽس نذر اڪبر فيصلي سان اختلاف ڪندي 44 صفحن تي نوٽ لکيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *